فهد مصطفيٰ

فهد مصطفيٰ

فهد مصطفيٰ

فهد مصطفيٰ: اداڪار، ميزبان، پروڊيوسر ۽ ماڊل فھمد مصطفيٰ جو جنم 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ نامور اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي فارميسي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1990ع ۾ فيض ٻگهيو جي سيريل ’باک‘ ۾ ننڍڙي ٻار جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ KTN تان خالد مصطفيٰ (وڏي ڀاءُ) جي لکيل ۽ هدايتون ڏنل سيريز ’ڪارٽون‘ ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اردو ميڊيا تي سندس فن جي قدرداني ٿي. سندس پھريون اردو ڊرامو جيو ٽي. وي تي نور الھديٰ شاهه جو لکيل ’شیشے کا محل‘ آهي. سندس ٻين ڊرامن ۾: ’میرے ہمراہی‘، ’کوئی نہیں اپنا‘، ’میرا سائیں‘، ’میں عبدالقادر ہوں‘، ’مستانہ ماہی‘، ’یہ زندگی ہے‘، ’پل صراط‘ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس مشھور فلمن ۾: ’نا معلوم افراد‘،’ماه نير‘، ’لوڈ ویڈ نگ‘، ’جوانی پھر نہیں آنی‘، ’قائد اعظم زندہ آباد‘ ۽ ٻيون شامل آهن. ان کان علاوه هم ٽي. وي تي مارننگ شو ’جاگو پاکستان‘، ARY تي رقص جي پروگرام ’نچلے‘ جو پڻ ميزبان ٿي رهيو. سندس فني خدمتن عيوض کيس بھترين اداڪار جو اوارڊ (2017ع)، بھترين فلم اداڪار (2017ع-2019ع)، هم اوارڊ (بھترين ميزبان 2013ع) ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت ARY جي پروگرام’جیتو پاکستان‘ جي ميزباني ڪري رهيو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.06.26  عيسوي

اداڪار، ميزبان، پروڊيوسر ۽ ماڊل فھمد مصطفيٰ جو جنم 26 جون 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ نامور اداڪار صلاح الدين تنيي جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهان خان کوسو مسڪين
ابراهيم شاهه جتي ستي
آصف جاه نواب
قربان جيلاني
دلاور خانجي
راشده علي پروفيسر
انور پيرزادو
ٿانوي محمد احمد مولانا
سيد علي بکري
حسين شهيد سهروردي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون